رکال جي ترائي

رکال جي ترائي: هيءَ ترائي، عمرڪوٽ ضلعي ۾ شهر صوفي فقير کان چار ڪلوميٽر اوڀر طرف ۽ ڍوري ناري کان پنج ڇهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڏکڻ ۾ واقع آهي. سٺ سال اڳ هيءَ ترائي ڪيترن ئي ايڪڙن تي آباد هوندي هئي. مختلف ڏيهي پرڏيهي پکين جي هيءَ ترائي آماجگاهه هوندي هئي. ڪيترائي شڪاري هن ترائيءَ تي شڪار لاءِ ايندا هئا. هن وقت هيءَ ترائي مڪمل طور تي سُڪي وئي آهي ۽ ميدان بيٺل آهي. منجھس پوک ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو